سوڀي جون تحريرون-1

سوڀي جون تحريرون-1

سوڀي جون تحريرون-1

سوڀي جون تحريرون-1 (ڪتاب): سنڌ جي انقلابي سياسي اڳواڻ ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀي جي تحريرن جو هي پهريون جلد، سندس چئن ڪتابن: (1) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم)، (2) تاريخ ڳالهائي ٿي (ڪالم)، (3) وڏي وٿ هئام (خاڪن جو مجموعو)، ۽ (4) ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) تي مشتمل آهي، جن کي پبلشر ۽ اديب ناز سنائيءَ مرتب ڪري، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. مٿيان چار ئي ڪتاب ڌار ڌار وقتن تي ڇپجي چڪا هئا. پهريان ٻه ڪتاب (1) تاريخ جا وساريل ورق، ۽ (2) تاريخ ڳالهائي ٿي، اڳ به سنڌي ساهت گهر ڇپايا هئا. اهڙيءَ طرح ڪامريڊ سوڀي جا ڪالم، خاڪا ۽ ڪهاڻيون هن هڪ جلد ۾ هڪ هنڌ پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿيون.
(1) ’تاريخ جا وساريل ورق‘ ۾ 27 ڪالم شامل آهن، جن ۾ حر تحريڪ، تامل مزاحمتي تحريڪ، نظير عباسي شهيد، هندن جو ڪراچيءَ وارو قتل عام، ڌاڙيل ۽ عام معافي، سائين جي. ايم. سيد، سنڌي مهاجر جهيڙو ۽ سنڌ جي ورهاڱي وارو سوال، سوشلزم ۽ ڪميونزم جو آڻيندو، مندر-مسجد مامرو، حسن ناصر شهيد، حشو ڪيولراماڻي، هڪ ڇرڪائيندڙ ڪردار ۽ ٻيا ڪالم شامل آهن.
(2) ’تاريخ ڳالهائي ٿي‘ ۾ آمريڪا-عراق جنگ، ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو، ڪامريڊ اشرف علي، هندستاني بحريه جي بغاوت، راجيو گانڌيءَ جو قتل، ڪامريڊ ايس. اي. ڊانگي، گوربا چوف خلاف بغاوت، مرحوم تاج محمد ابڙو، ڌاڙيل فيڪٽر، بلوچستان ۾ نفاق ۽ قتلام، سنڌ ۾ فوجي ايڪشن، شيعا سني فساد ۽ ٻيا ڪالم شامل آهن.
(3) ’وڏي وٿ هئام‘ ۾ امڙ پدمان، امڙ ڌياڻي، ارباب فقير، رئيس بروهي، محمد ملوڪ عباسي، عبدالفتاح ميمڻ، ڪوڙومل، محمد امين کوسي، سوامي انگديو، اي. ڪي هنڱل، ف.م لاشاري، عبدالخالق آزاد، ڪرشن کٽواڻي، سلام بخاري'>ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، محمد ابراهيم جويي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، گلي سدارنگاڻي ۽ ٻين جا خاڪا ڏنل آهن.
(4) ’ڪڏهن بهار ايندو‘ ۾ ڪامريڊ سوڀي جون 9 ڪهاڻيون شامل آهن.
هي ڊيمي سائيز جي 464 صفحن ۽ پڪي جلد تي مشتمل ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 رپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو